شيخ عبدالعزيز قنڌاري

شيخ، عبدالعزيز قنڌاري: شيخ عبدالعزيز قنڌاري هندو خاندان جي هڪ شاخ آڏواڻي جو روشن چراغ هو، سندس جنم 7 مارچ 1876ع تي حيدرآباد، سنڌ ۾ ٿيو. آڏواڻي خاندان جو وڏو مکي آڏومل ميرن جي دور ۾ لڏي سنڌ ۾ آيو. انهيءَ خاندان جي فردن سنڌ جي چڱي خدمت ڪئي. هن خاندان مان ڪيترن ئي بزرگن اسلام قبول ڪيو. جن پڻ سنڌ جي خدمت ڪئي ۽ آزاديءَ جي سلسلي ۾ ڪيترين تحريڪن ۾ حصو وٺي نالو ڪڍيو. شيخ عبدالعزيز نون سالن جي عمر ۾ اسلام قبول ڪيو. تنهن بعد کيس نوعمريءَ سبب حيدرآباد مان پهرين جهنڊي شريف روانو ڪيو ويو ۽ اتان کانپوءِ 13 سالن جي عمر ۾ افغاني پوشاڪ ۾ سرحد پار ڪرائي قنڌار موڪيلو ويو ۽ اتي کيس وڏي اسلامي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو. اهو مدرسو سرهندي بزرگن جي وڏن جو هو. انهيءَ مدرسي ۾ عربي، فارسي ۽ پشتو ادب تي به دسترس حاصل ڪيائين. شيخ عبدالعزيز پاڻ کي قنڌاري سڏرائڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندو هو. بعد ۾ هو 22 سالن جي عمر ۾ واپس سنڌ موٽي آيو ۽ 1916ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ پڙهيو. ان کان علاوه مولانا عبيد الله سنڌيءَ جي بيت الحڪمت دهليءَ ۾ داخلا ورتائين. انهيءَ عرصي دوران سندس ملاقاتون ننڍي کنڊ جي وڏن عالمن، مدبرن ۽ سياسي اڳواڻن سان ٿيون. دهليءَ مان گريجوئيشن جي سنَد حاصل ڪري وري سنڌ موٽي آيو. هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ٽريننگ ڪاليج ۾ ماستر طور ڪيو. بعد ۾ 1925ع ڌاري ايڪسائيز کاتي ۾ مقرر ٿيو، جتان. 1950ع ڌاري رٽائرڊ ٿيو. تنهن بعد ڪجهه عرصو الوحيد اخبار سان واڳيل رهيو ۽ ڪجهه وقت هفتيوار پاسبان اخبار هلايائين. ڪيترن ئي سماجي، ادبي مجلسن ۽ ادارن جو ميمبر ۽ عهديدار ٿي رهيو. هن 83 سالن جي عمر ۾ 1959ع ڌاري وفات ڪئي. هن ريشمي رومال تحريڪ جي اڳواڻ شيخ عبدالرحيم جي ڌيءَ سان شادي ڪئي.


لفظ شيخ عبدالعزيز قنڌاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو